ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ به موسم شديد گرم ۽ خشڪ رهندي، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد سبي ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب، نورپور ٿل ۽ دادو ۾ 48، جڏهن ته اوڪاڙا، بھڪر، جيڪب آباد، سکر، خيرپور ۽ تربت ۾ پاري جو اتراءُ (گرمي پد) 47 ڊگري رهيو. ڊيرا اسماعيل خان، بنون ۽ سرگوڌا ۾ 45، لاهور ۽ جهلم ۾ 44، پشاور ۽ ملتان ۾ 43، اسلام آباد ۾ 42، مظفر آباد ۾ 40، ڪوئيٽا ۾ 39، جڏهن ته ڪراچي ۽ گلگت ۾ گرمي پد 37 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. اسڪردو ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










