بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏين لاءِ وڻڪاري ڪرڻ، سياحت کي هٿي وٺرائڻ، ڪرپشن جي خاتمي ۾ تعاون، غربت جي خاتمي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ، تجارت ۽ سيڙپڪاري لاءِ ماحول بهتربڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن جمع ڏينهن چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري بيلٽ اينڊ روڊ فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان بيلٽ ۽ روڊ منصوبي کي گلوبلائيزيشن جو رستو قرار ڏيندي چيو ته هن منصوبي جي دستاويز تي دنيا جي 122 ملڪن ۽ 49 عالمي تنظيمن جي نمائندن پاران صحيحون ڪرڻ مان واضح آهي ته هي دنيا کي ڳنڍڻ، تعاون ڪرڻ ۽ خوشحال ڪرڻ جو عالمي منصوبو آهي. ٽن ڏينهن واري هن فورم ۾ دنيا جي 38 ملڪن جا ليڊر شريڪ آهن. عمران خان چيو ته چين جي ميگا منصوبن جا ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي نئين مرحلي ڏانهن وڌي رهيا آهن، جنهن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ٿيندا. هن چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي سان پاڪستان ۾ توانائي بحران ۾ گهٽتائي ٿي ۽ چين جي تعاون سان گوادر تيزي سان دنيا جو اهم تجارتي مرڪز بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته گوادر جيڪو مهاڻن جو ننڍڙو ڳوٺ هو اتي پاڪستان جو وڏي م وڏو ايئرپورٽ ٺهي پيو.هن چيو ته موجوده حڪومت سيڙپڪاري لاءِ لبرل پاليسي جوڙي آهي دنيا ان جو فائدو وٺي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري. هن چين سان تعليم، صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڀريو. عمران خان چئن ڏينهن جي دوري تي خميس تي بيجنگ پهتو آهي جتي هو فورم جي سائيڊ لائن تي دنيا جي مختلف ليڊرن ۽ چين جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
مشهور خبرون










