اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته مودي جي تقرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو اڃا تائين کيس سڪون ناهي آيو، هڪ بيان ۾ عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي باني 4 سال اڳ چيو هو ته مودي هڪ فالس فليگ آپريشن ڪندو ۽ ملبو پاڪستان تي اڇلائيندو،هن وڌيڪ چيو ته مودي جي تقرير مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو اڃا تائين چين کي مڪمل طور تي سمجهي نه سگهيو آهي. جيڪڏهن هن ۾ همت آهي ته فاشسٽ مودي کي ٻيهر پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني قوم ۽ فوجون متحد ٿي جواب ڏينديون.










