منشياف فروشن خلاف ڪارروائي، جوابدار گرفتار، جيل حوالي

ڪوٽڙي ڪبير(پرويزحسين ڀنڊ) منشيات فروشن خلاف ڪوٽڙي ڪبير پوليس پاران ڪارروايون جاري،ڳوٺ ميوو خان لاشاري مان لال خان پٽ رمضان لاشاري عرف لالوکي چار لٽر ڪڇي شراب سميت گرفتار ڪري سندس خلاف نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اي ايس آءِ سيد علي رضا شاه جو چوڻ ھو ته ايس ايس پي نوشھروفيروز جي ھدايتن تي منشيات فروشن ۽ نشي آور سوپارين خلاف ڀرپور ڪاروائي جاري آھي ڪنھن سان به رعايت نه ڪبي قانون سڀني لاءِ برابر آھي. هن وارننگ ڏيندي چيو ته ڏوھاري ۽ پاٿاريدار منھنجو علائقو ڇڏي ھليا وڃن پنھنجي علائقي کي ھر حال ۾ ڏوھارين کان پاڪ ڪرائي ساھ پٽيندس.جيستائين ھتي داڻو پاڻي لکيل آھي تيستائين ڏوھارين خلاف ڪارروائي جاري رھندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو