منشيات فروشن ۾ ملوث نالا پڪڙيا، هاڻ گٽڪي ۽ ماوا جو وارو

منشيات فروشن ۾ ملوث نالا پڪڙيا، هاڻ گٽڪي ۽ ماوا جو وارو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته منشيات فروشن جي فهرست ۾ شامل وڏا نالا پڪڙيا ويا آهن، هاڻي صوبي ۾ ايندڙ مهم گٽڪو، ماوا تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ وارن خلاف هوندي.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ منشيات فروشن جي فهرست ۾ شامل وڏا نالا پڪڙيا ويا آهن، اهي جوابدار واٽس اپ ۽ آن لائن منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن.اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته منشيات خلاف قدمن جي ڪري ڏوهن جي شرح گهٽجي وئي آهي، آن لائن منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي گرفتار ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته منشيات جي مافا خلاف ڪارروائي سبب گٽڪو ۽ ماوا جي وڪرو ۾ واڌ جو خطرو آهي، تنهن ڪري صوبي ۾ ايندڙ مهم گٽڪو ۽ ماوا تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ وارن خلاف هوندي.ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته ڪراچي ۾ بحالي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ فلاحي ۽ سرڪاري ادارن کي درخواست ڪئي وئي آهي. درخواست تي ڪم جاري آهي ۽ نتيجا جلد سامهون ايندا. ڪراچي ۾ منشيات جي لت ۾ مبتلا ماڻهن جي علاج لاءِ هڪ وڏي اداري جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو