منشيات ۾ مدد، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار برطرف

منشيات ۾ مدد، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار برطرف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي پوليس جا منشيات فروشن سان لاڳاپا ۽ انهن جي مدد ظاهر ٿي چڪي آهي.سي پي او راولپنڊي سيد خالد همداني منشيات فروشن سان لاڳاپن جي الزام ۾ 17 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي برطرف ڪيو. برطرف ڪيل آفيسرن ۽ اهلڪارن ۾ 1 سب انسپيڪٽر، 4 اي ايس آءِ، 4 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 8 ڪانسٽيبل شامل آهن.راولپنڊي پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جاچ ڪئي وئي. جڏهن رابطا سامهون آيا ته اعليٰ آفيسرن تي مشتمل هڪ ٽيم معاملي جي جاچ ڪئي.راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب، برطرف ڪيل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي منشيات فروشن سان لاڳاپن ۽ مدد جا ثبوت سامهون آيا. برطرف ڪيل سڀئي پوليس اهلڪار نيو ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ مقرر هئا. ايس ايڇ او نيو ٽائون پوليس اسٽيشن انوارالحق کي به نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي.سي پي او راولپنڊي جو چوڻ آهي ته سڀ ڪارروائي پوليس جي احتساب کاتي جي ميڪانيزم تحت ڪئي وئي. راولپنڊي پوليس منشيات خلاف هڪ وڏو ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي، جنهن کي هر سطح تي ساراهيو ويو آهي. 500 کان وڌيڪ منشيات فروشن کي سزا ملي آهي ۽ اهي 10 کان 20 سالن جي سزا ڀوڳي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو