ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري وڌيڪ 161 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وبا وگهي 161 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد وبا وگهي فوتين جو ٽوٽل انگ 18 هزار 310 ٿي ويو، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3 هزار 377 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، ملڪ ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 8.0 رهي، سرڪاري پورٽل موجب 24 ڪلاڪن ۾ 5هزار018 مريض ڪورونا کان صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 7 لک 33هزار062 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ مريضن جو تعداد 2لک86  هزار521 آهي جڏهن ته 4هزار678 ماڻهو هي تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪل مريضن جو انگ 3لک08هزار529 آهي ۽ 8هزار683 مريض فوت ٿي ٿي ويا آهن  ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ1لک20هزار590  آهي ۽ 3هزار423 فوتگهيون ٿيون آهن، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 76هزار492 ٿي ويو آهي  ۽ هن وقت تائين 693 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو