ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ 11 ڪروڙ 30 لک ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سينيئر آفيسرن جو چوڻ آهي ته ووٽر لسٽن ۾ واڌارن ۽ سڌارن واري تازي عمل بعد ووٽ ڏيڻ جي اهل پاڪستاني شهرين جو تعداد 10 ڪروڙ 90 لک مان وڌي 11 ڪروڙ 30 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن اهو پڻ ٻڌايو آهي ته صوبن جي مڪاني ادارن جي چونڊن خاطر ٺهندڙ ووٽر لسٽون نومبر ۾ عام جائزي خاطر پڌريون ڪيون وينديون جنهن بعد عام ماڻهو ۽ ووٽر انهن لسٽن مطابق اعتراضن ۽ سڌارن بابت درخواستون جمع ڪرائي سگهندا. امڪان اهو آهي ته نين ووٽر لسٽن اندر سڄي ملڪ مان 40 لک نوان ووٽر شامل ٿيندا.  

پهنجو تبصرو موڪليو