ملالا يوسفزئي، محمد يونس سميت 59 نوبل انعام ماڻيندڙن پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن کي خط لکي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو مطالبو

ويانا(م ڊ) ملالا يوسفزئي، محمد يونس سميت 59 نوبل انعام ماڻيندڙن پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن کي خط لکي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو خط گڏيل قومن ۾ ٻنهي ملڪن جي مستقل نمائندن حوالي ڪيو ويو. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان نوبل انعام ماڻيندڙ ۽ ليڊرز فار چلڊرين جا اڳواڻ پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهترين مفاد ۾ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ۽ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهي عقلمند اڳواڻ هجڻ جو ثبوت ڏيندي هن سخت ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ فوري طور تي امن پسندي جو مظاهرو ڪن ۽ ڪنهن به ڇڪتاڻ کي مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪين. خط ۾ چيو ويو آهي ته مهذب دنيا ۾ تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي ان مصيبت کي مضبود ۽ وقتائتن قدمن وسيلي ختم ڪيو وڃي. هنن چيو ته ٻار ڪڏهن به جنگ ناهن لڳرائيندا پر ان جا بدترين شڪار هوندا آهن، ان لاءِ ٻنهي وزيراعظمن، مذهبي ادارن، ميڊيا، نوجوانن ۽ شهرين کي اپيل ٿا ڪريون ته خطي ۾ فوري طور تي امن بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن. خط تي صحيحون ڪندڙن ۾ ملالا يوسفزئي، ليما بووي، شيرين عبادي، توڪل ڪرمان، محمد يونس، جوس راموس هورتا، ايڊورڊ انگجالڊ موسر، مي برٽ ۽ ٻيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو