معصوم نينگر سان بدفعلي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا

راڻيپور (رپورٽ حيدرعلي عمراڻي ) اٺن ورهين جي نينگر حسن علي ميمڻ پنهنجي والد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته وحشي جوابدارن معصوم سان بدفعلي ڪئي آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته سنت علي ملاح ۽ سميع الله ميمڻ زبردستي هڪ جڳهه تي کيس کڻي ويا ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو. واقعي جو پوليس کي اطلاع ڪيو ويو کين ٻڌايو ويو ته واقعي ۾ ٽن کان چار ماڻھو ملوث آھن جن ۾ هڪ وڊيو رڪارڊ ڪري نيٽ تي رکيو آھي ۽ هڪ همراھ جوابدارن کي جڳه مهيا ڪئي آھي. هڪ جوبدار گرفتار ٿي ويو آھي ٻين جي ڳولا جاري آهي ڪيس جي حتمي رپورٽ نينگر جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد واضع ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو