لنڊن(ايڊيٽر ڊيسڪ) “مصنوعي ذهانت (AI) جي دنيا جي اهم شخصيتن مان هڪ يان لِيڪن چوي ٿو ته اسان وٽ اڃا تائين اهڙا روبوٽ موجود ناهن، جيڪي فزيڪل ورلڊ يعني جسماني دنيا کي هڪ چوهي جيترو به سمجهي سگهن”.
هن لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي تائين فيس بڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا ۾ چيف اي آءِ سائنسدان طور ڪم ڪيو، پر 2025ع ۾ اتان الڳ ٿي ايڊوانسڊ مشين انٽيليجنس ليبز (AMI Labs) قائم ڪئي.
سندس مقصد مصنوعي ذهانت کي موجوده نظامن، جهڙوڪ چيٽ جي پي ٽي، ڪلاڊ ۽ جيمينائي کان اڳتي وٺي وڃڻ آهي. سندس چوڻ آهي ته اهي نظام پنهنجا فائدا ضرور رکن ٿا، پر اهي ڪڏهن به حقيقي دنيا جي پيچيده حالتن کي منهن نه ڏئي سگهندا، جهڙوڪ ڪنهن روبوٽ کان گهر جا ڪم ڪرائڻ.
هو فرانس جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ويوا ٽيڪ جي موقعي تي بي بي سي سان ڳالهائيندي چوي ٿو: “اهي انساني سطح يا انسان جهڙي ذهانت، ايتري قدر جو جانورن جهڙي ذهانت تائين پهچڻ جو رستو ناهن، ڇاڪاڻتہ اهي حقيقي دنيا جي ڊيٽا سان ڪم نٿا ڪري سگهن. انهن کي ان مقصد لاءِ تيار ئي نه ڪيو ويو آهي.”
انهيءَ ڪري پيرس ۾ قائم AMI Labs اهڙي نئين قسم جي مصنوعي ذهانت تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا چيٽ جي پي ٽي ۽ ان جهڙن ٻين ماڊلن واري ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نه هوندي.
سيڙپڪار سمجهن ٿا ته هن منصوبي ۾ وڏو امڪان موجود آهي. هن سال جي شروعات ۾ AMI Labs اعلان ڪيو ته هن هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ سرمايو حاصل ڪيو آهي. سيڙپڪارن ۾ آمريڪي ڪمپيوٽر چِپ ٺاهيندڙ ڪمپني انويڊيا ۽ ايميزون جي باني جيف بيزوس جي خانگي دولت سنڀاليندڙ فنڊ پڻ شامل آهن.
هي نام نهاد سيڊ فنڊنگ، يعني نئين ڪمپنين لاءِ شروعاتي سيڙپڪاري وارو دور، يورپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏين شروعاتي فنڊنگ مهمن مان هڪ هو.
لِيڪن جو چوڻ آهي ته وڏا ٻولي ماڊل (LLMs)، جهڙوڪ چيٽ جي پي ٽي، ڪوڊ لکڻ، رياضي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ متن تيار ڪرڻ جهڙن ڪمن ۾ انتهائي ماهر آهن.
پر سندس خيال ۾ اهي سڀ ڪم واضح، محدود ۽ اڳواٽ طئي ٿيل نوعيت جا آهن. هو چوي ٿو: “اهي (LLMs) بنيادي طور ڄاڻ گڏ ڪندا آهن… پوءِ ساڳي ڄاڻ ٻيهر پيش ڪندا آهن. توهان انهن کي جيڪو سيکاريندا آهيو، اهو ئي ورجائيندا آهن، پر اهي خاص ذهين ناهن. انهن وٽ شين جي حقيقي سمجهه موجود ناهي.”
حقيقي دنيا ۾ ڪنهن به عمل جا بيشمار ممڪنه نتيجا ٿي سگهن ٿا، جن کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ لچڪدار مصنوعي ذهانت جي ضرورت هوندي آهي. لِيڪن، قلم کي ان جي نوڪ تي سڌو بيهاري هڪ مثال ڏئي ٿو. هو پڇي ٿو ته جيڪڏهن قلم کي ڇڏي ڏجي ته ڇا ٿيندو؟
هڪ ننڍڙو ٻار به ڄاڻي ٿو ته قلم ضرور ڪري پوندو، پر ڪو به انسان اڳواٽ اهو نٿو ٻڌائي سگهي ته قلم ڪهڙي پاسي ڪري پوندو، ڇاڪاڻتہ اهو اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي.
پر هڪ LLM شايد پنهنجي سکيا واري ڊيٽا ۾ موجود شمارياتي نمونن جي بنياد تي قلم جي ايندڙ حرڪت بابت هڪ ئي اڳڪٿي ڪري.
اهڙي اڳڪٿي گهڻو ڪري غلط ثابت ٿيندي، ڇاڪاڻتہ اهو نظام جسماني حقيقتن بابت سوچڻ بدران صرف شمارياتي طور ممڪن لڳندڙ جواب پيدا ڪري رهيو هوندو آهي.
لِيڪن جو چوڻ آهي ته سندس ڪمپني جو تيار ڪيل نظام، جنهن کي جوائنٽ ايمبيڊنگ پريڊڪٽو آرڪيٽيڪچر (JEPA) چيو وڃي ٿو، اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ئي ٺاهيو ويو آهي.
هي نظام حقيقي دنيا جا تجريدي (Abstract) نمونا تيار ڪري ٿو، جن جي بنياد تي مختلف عملن جا ممڪن نتيجا سمجهي سگهجن ٿا.
اهي تجريدي نمونا ٺاهڻ لاءِ پيچيده رياضي استعمال ڪئي ويندي آهي، پر بنيادي طور تي اهو غيرضروري معلومات کي ختم ڪري، مصنوعي ذهانت کي دنيا جي رڳو اهم تصوير پيش ڪندو آهي.
قلم واري مثال ۾، هي نظام اهو سمجهي ويندو ته قلم ڪهڙي طرف ڪري پوندو، ان جي اڳڪٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ئي بيڪار آهي.
وڌيڪ لچڪدار مصنوعي ذهانت تيار ڪرڻ روبوٽڪس صنعت جي اهم ترين ترجيحن مان هڪ بڻجي چڪو آهي.
انساني شڪل وارن روبوٽن جي تياري لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، ۽ هر سال انهن جون صلاحيتون وڌيڪ متاثر ڪندڙ بڻجنديون پيون وڃن.
پر انهن کي محفوظ طريقي سان استري ڪرڻ، ڊش واشر ۾ برتن رکڻ يا ٻين گهريلو ڪمن جي تربيت ڏيڻ اڃا به ڏکيو ۽ تمام مهانگو ڪم ثابت ٿي رهيو آهي.
لِيڪن جي خيال ۾ موجوده AI ماڊل شايد ڪڏهن به اهڙي ماحول ۾ ڪامياب نه ٿي سگهن. هو چوي ٿو: “روبوٽڪس جي حوالي سان LLMs تقريباً بيڪار آهن.
اهو چوڻ ته صرف انهن ماڊلن کي وڌيڪ وڏو بڻائڻ سان اسان انسان کان وڌيڪ ذهين نظام ٺاهي وٺنداسين، اهو هرگز ٿيڻ وارو ناهي.”
مصنوعي ذهانت جي شعبي جا ڪيترائي ماهر لِيڪن سان اتفاق ڪن ٿا. انهن مان هڪ انگمار پوسنر آهي، جيڪو آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ اپلائيڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو پروفيسر ۽ ان جي اپلائيڊ اي آءِ ليب جو ڊائريڪٽر آهي. هو ايميزون اسڪالر پڻ آهي.
سندس چوڻ آهي: “منهنجي خيال ۾ ايندڙ ڏهاڪو اهڙن نظامن جو هوندو، جيڪي وضاحت ڪري سگهندا… اسان کي اهڙا ماڊل گهرجن، جيڪي ٻڌائي سگهن ته ڪهڙي ڳالهه اهم آهي؟ ڪهڙي شيءِ ڪنهن ٻي شيءِ جو سبب بڻجي ٿي؟ ۽ جيڪڏهن مان ڪو ٻيو قدم کڻان ته ڇا ٿيندو؟”
پوسنر ۽ سندس لڳ ڀڳ ڏهن محققن تي ٻڌل ٽيم گذريل چئن سالن کان مصنوعي ذهانت جي هڪ متبادل نظام تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي مجموعي طور ورلڊ ماڊلز (World Models) چيو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ ورلڊ ماڊلز جو تصور ڏهاڪن کان موجود آهي، پر 2018ع ۾ ڊيوڊ ها ۽ يورگن شمڊهوبر جي شايع ٿيل هڪ تحقيقي مقالي هن شعبي کي نئين رفتار ڏني.
هنن اهو خيال پيش ڪيو ته مشين لرننگ ۽ ڪمپيوٽنگ طاقت ۾ ٿيندڙ ترقي جي ڪري مصنوعي ذهانت حقيقي دنيا جي ذهني (Mental) نموني ذريعي به سکڻ جي قابل ٿي سگهي ٿي.
2018ع کان پوءِ ان تصور تي وڏي پيماني تي تحقيق شروع ٿي، جنهن ۾ گوگل جو ڊريمر ورلڊ ماڊل به شامل آهي. گذريل سال ڊريمر جي هڪ نئين ورزن مشهور وڊيو گيم مائن ڪرافٽ ۾ مستقبل جا ممڪن منظر ذهن ۾ آڻي هيرا گڏ ڪرڻ جو طريقو پاڻ سکي ورتو، جنهن سان ان کي فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملي.
پوسنر کي اميد آهي ته سندس ٽيم جو تيار ڪيل نظام هن شعبي ۾ هڪ وڌيڪ اهم قدم ثابت ٿيندو. هو ان کي “ميڪينسٽڪ ورلڊ ماڊل” سڏي ٿو، جيڪو ڄاڻ کي اهڙي نموني ترتيب ڏيندو، جو مصنوعي ذهانت ان کي وڌيڪ اثرائتي نموني استعمال ڪري سگهندي.
هو چوي ٿو: “اسان کي اهڙا نظام گهرجن، جيڪي ڄاڻ کي مختلف حصن ۾ ورهائي، منظم ڪري ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي ٻيهر ياد، گڏ يا تبديل ڪري سگهن.”
پوسنر جو چوڻ آهي ته انهن نون ماڊلن جي مڪمل تياري ۾ ڪيترو وقت لڳندو، اهو ٻڌائڻ انتهائي ڏکيو آهي. “جيڪڏهن توهان 2017ع يا 2018ع ۾ ڪنهن کان پڇيو ها ته چيٽ جي پي ٽي جهڙو نظام ڪڏهن تيار ٿيندو، ته شايد هو چوي ها ته ان لاءِ ڏهاڪن جي محنت گهرجي.” پر چيٽ جي پي ٽي جو پهريون نسخو نومبر 2022ع ۾ جاري ڪيو ويو.
ورلڊ ماڊلز تي ٻيو ڪم به جاري آهي. ڊيپ مائينڊ (گوگل جي والدين ڪمپني الفابيٽ جو حصو) پنهنجو جيني ماڊل تيار ڪري رهي آهي، جڏهن ته لنڊن جي ڪمپني ويئو (Wayve) وٽ گايا نالي نظام موجود آهي.
ان دوران مصنوعي ذهانت جي اڳواڻ سائنسدان في في لي 2023ع ۾ سان فرانسسڪو ۾ ورلڊ ليبز قائم ڪئي، جيڪا نئين AI ماڊل تي ڪم ڪري رهي آهي.
لِيڪن جو چوڻ آهي ته AMI Labs هن سال جي باقي عرصي دوران پنهنجي AI ماڊل کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي، ۽ اميد آهي ته ايندڙ سال ان کي پهرين صنعتي شعبن ۾ استعمال ڪيو ويندو.
جيڪڏهن اهو ڪامياب ٿيو ته پوءِ ان کي وڌيڪ وسيع سطح تي استعمال ڪرڻ بابت سوچيو ويندو. هو چوي ٿو: “آخرڪار اسان وٽ اهڙا عام مقصد وارا ذهين نظام هوندا، جيڪي تمام گهٽ اضافي تربيت يا تبديلي سان دنيا جي لڳ ڀڳ هر ڪم لاءِ استعمال ٿي سگهندا.”
جڏهن روبوٽ پاڻمرادو ڪم ڪندا ته انسانن جو ڪردار ڇا هوندو؟
ليڪن جو جواب آهي: “اسان کي پوءِ به انسانن جي ضرورت رهندي، جيڪي طئي ڪندا ته ڪهڙا سوال پڇڻا آهن، ڇا ٺاهڻو آهي ۽ ڇا تخليق ڪرڻو آهي. اهو ئي انسان هجڻ جو اصل پهلو آهي.”
هو وڌيڪ چوي ٿو ته مصنوعي ذهانت آخرڪار انسانن لاءِ ڪم ڪندي. “مستقبل جي AI نظامن سان اسان جو لاڳاپو، ڀلي اهي اسان کان وڌيڪ ذهين ڇو نه هجن، بلڪل اهڙو هوندو جهڙو ڪنهن وڏي صنعتڪار يا سياسي اڳواڻ جو پنهنجي صلاحڪارن جي ٽيم سان هوندو آهي، جن مان گهڻا شايد پاڻ ان کان وڌيڪ ذهين هوندا آهن.”(هي رپورٽ بي بي سي تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پييش ڪريون ٿا، ادارو)










