مسلم ليگ ن قوم جي اميدن تي پوري لهندي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن هميشه وانگر قوم جي اميدن تي پورو لهندي.لاهور ۾ شهباز شريف سان اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي.پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر شهزادي افتخار الدين نواز شريف کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بريت تي مبارڪباد ڏني.پارٽي اڳواڻن پارٽي صدر کي پنهنجي تڪن ۾ چونڊ تيارين کان آگاهه ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي کانپوءِ قوم جون مايوسيون ختم ٿي ويون آهن.هن چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ هو قوم کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ڏيندو.مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ 10 سالن جي حڪومت عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو، عوام جا وسيلا رڳو ڦرلٽ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو