مريم نواز 500 کان 800 رپين وارو وڳو پائيندي آهي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري حيران ڪندڙ دعويٰ ڪندي چيو آهي ته عام طور تي مريم نواز 500 کان 800 رپين ۾ ملندڙ وڳو پائيندي آهي. عظميٰ بخاري جي اهڙي بيان جي وائرل مختصر ويڊيو ۾ ان کي مريم نواز جي فيشن سينس تي ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.عظميٰ بخاري عيدالفطر جي موقعي تي نجي ٽي وي جي مارننگ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي.مارننگ پروگرام ۾ عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته کيس سياست ۾ آئي 22 سال ٿي چڪا آهن، هاڻي ان جا ٻار به جوان ٿي ويا آهن.هن ٻڌايو ته جڏهن هن سياست جي شروعات ڪئي هئي ته هن جي وڏي ڌيءَ ٽن سالن جي هئي ۽ هاڻي هوءَ ڊاڪٽر آهي.پروگرام ۾ مريم نواز جي فيشن بابت سوال جي جواب ۾ سڌ سماءُ واري وزير چيو ته مريم ڪنهن کي ڪاپي ناهي ڪندي ۽ هوءَ بازار مان 500 ۽ 800 ۾ ملندڙ لان جا وڳا پائيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو