مدئجي ۾ ڀائرن جو جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

مدئجي: (ن س) مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ دڙي جاکري ۾ ملڪيت جي معاملي تان ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ وڏي ڀاء وقار ڀٽو پنهنجي ننڍي ڀاءُ مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.واقعي بعد ڳاهيجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد مدئجي اسپتال آندو ويو. ان موقعي تي ڳاهيجا پوليس موقف ڏيندي ٻڌايو ته دڙي جاکري ۾ گهرو معاملي تان جوابدار وقار ڀٽو پنهنجي ننڍي ڀاء افتخار ڀٽو مٿان فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن کي مدئجي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو هن ته رستي ۾ دم ڏنو. جڏهن ته جوابدار موقعي واري هنڌ کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پوليس فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو