محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ۾همد عامر ٽيسٽ ڪرڪٽ تان جمع ڏينهن رٽائر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. 27 سالن جو ليفٽ آرم فاسٽ بالر وسيم اڪرم کان پوءِ ٽيم ۾ وڌيڪ شهرت حاصل ڪئي. 9ميچ فڪسنگ سبب 9 سالن جي پابندي سبب سندس ڪيريئر تي وڏو اثر پيو نه ته هو ٽيسٽ ميچز کيڏڻ جي سينچري ڪري ها. ان جي باوجود به هن 36 ٽيسٽ ميچز ۾ 119 وڪيٽون حاصل ڪيون. هن چيو ته هو چاهي ٿو ته نوجوانن کي موقعو ملي ۽ ڪرڪٽ سليڪٽرز به آساني سان فيصلو ڪري سگهن. هن چيو ته هو پاڪستان لاءِ ون ڊي ۽ ٽي 20 کيڏندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو