مبارڪ پور مائنر کي 100 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) مبارڪپور مائنر کي  ڳوٺ اوڏڪي دڙي وٽان آر ڊي 26 ۾ 100 فوٽ گهارو پئجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. آبپاشي عملي کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر اتان جي مقامي داروغي کانسواءِ ٻيو ڪو به اعليٰ عملدار گهاري واري جڳھ تي نه پهچي سگهيو جنهن جي ڪري پاڻي فصلن کان پوءِ ڳوٺن ڳوٺ  اوڏڪي دڙي ۽ ڳوٺ نانگورو ڏانهن وڌڻ لڳو آهي.

ڳوٺاڻن غلام النبي، دلاور، بادل، ارباب ۽ ڪريم داد مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهاري جو ڪارڻ واھ ۾ تمام گهڻو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ آهي بي وقتائتو پاڻي اسان جي فصلن کي ٻوڙي ۽ هاڻ گهرن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي. گهاري تي جلد کان جلد بند ڪري پاڻي کي ڳوٺن ڏانهن اچڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو