مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ماڪڙ جي حملي سبب تعلقي اندر فصل تباهه ٿيڻ لڳا، زراعت کاتي جي لاپرواهي سبب وڏي تعداد ۾ ھڪ دفعو ٻيهر ماڪڙ جا ڪٽڪ مانجهند،سن، لاکا، کماڻ، راڄڙي خاصائي، انڙپور سميت ڪيترن ئي ديهن ۾ ماڪڙ تيار ٿيل فصل ووئنڻ، جوئر، بصر، مرچ، مڪئي، چڻن سميت زمينن تي حملي سبب فصل تباهه ٿيڻ لڳو. ماڪڙ فصل کي تيزي سان ڪٽڻ لڳي جنهن سبب قرض کڻي فصل پوکيندڙ آبادگارن ۽ هاري سخت مايوس ٿي ويا پر زراعت کاتي طرفان ڪا به حڪمت عملي ترتيب نه ڏني وئي هتان جي آبادگار ۽ يوسي ڪائونسلر حاجي خان چاڪراڻي، محمد ملوڪ ٿيٻو، خان محمد سومرو ۽ ٻڌايو ته ڪافي ڀيرا اهڙي شڪايت کڻي مانجهند ۽ سن ويا آھيون پر مانجهند آفيس کي تالا ۽ سن ۾ صرف پٽيوالو ويٺل آھي جنهن سبب کين وياجن تي ورتل قرض به نه لهڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته زراعت کاتي جي گوسڙو عملي جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ بجاءِ ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت ضلع ڄامشورو سليم سهاڳ ٻڌايو ته فوري طور ٽيم کي جانچ لاءِ موڪلي رهيو آھيان.










