ماڪڙ جي تباهي، حڪومت خاموش، ڳوٺاڻن جي قرآن خواني

نئون ديرو(شاد محمود ڀٽو ) سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تباھي مچائيندڙ ماڪڙ نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ سالار ڀٽو ۾ به  ڪڻڪ ،ٽماٽر ۽ ٻين فصلن کي کائي ناس ڪري ڇڏيو . ڳوٺاڻن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران واهر نه ڪرڻ بعد ڳوٺاڻن پاران  نجات لاء قرآن خواني ۽ خيرات في  سبيل الله  جو بندوبست ڪيو. خادم حسين ڀٽو ، فدا حسين ڀٽو ،اسد علي ڀٽو، وسيم سومرو، زوار غلام حيدر ڀٽو، اشفاق علي سومرو ۽ ٻين پاران وارھ بئراج جي پل  تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرائي وئي  جنهن بعد خيرات في سبيل الله ننگر  جو بندوبست پڻ ڪيو ويو جيڪو ڳوٺاڻن ۾  تقسيم ڪيو ويو ۽ ماڪڙ کان نجات لاء  آخر ۾  اجتمائي دعا گھري وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو