مال گاڏي جون 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون،هڪ ٽريڪ معطل

مال گاڏي جون 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون،هڪ ٽريڪ معطل

ميرپورماٿيلو (ظهير وسير) پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي جون 5 بوگيون پٽڙي تان لھي ويون،  جنهن سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي. جڏهن ته پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ڊائون سائيڊ ٽريڪ بند ٿيڻ سبب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن ڏهرڪي،صادق آباد توڙي ٻين اسٽينن تي روڪيو ويو ۽ واري واري سان منزلن ڏانهن موڪليو ويو . جنهن سبب ٽرينون مقرر وقت پنهنجي منزل تي نه پهچڻ سبب مسافرن کي تڪليف ٿي.

اطلاع آهن ته ڪيترائي مسافر ٽرينون ڇڏي روڊ رستي سفر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا هوڏانهن ريلوي انتظاميا روهڙي کان مشينري گهرائي ٽريڪ جي بحالي جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو