اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري طرفان مدرسن جي رجسٽريشن بابت سوسائٽي رجسٽريشن بل تي اعتراضن جي يو آءِ جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. صدر جي اعتراضن تي رد عمل ڏيندي جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو ته صدر آصف زرداري جا مدرسن جي ايڪٽ تي اعتراض حيران ڪندڙ آهي.پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جا اعتراض آئين ۾ ڏنل مدي اندر نه آهن. اعتراض قسطن ۾ ڪيا ويا، هڪ ڀيرو اعتراض جو جواب ڏنو ويو، ٻيهر اعتراض اٿارڻ جو حق نه آهي. جي يو آءِ ترجمان چيو ته اعتراض قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن اماڻڻ گهرجن ها، انهي کي به اعتراض ناهن اماڻيا ويا، جيڪو اعتراض اسپيڪر ڏانهن اماڻيو ويو اسان انهي جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.جي يو آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته صدر طرفان ترميم تي اعتراض سان گڏ تجويز ۽ حل به اماڻيو ويو آهي مدرسن جي بل ۾ ڪابه تجويز ۽ حل نه ٻڌايو ويو آهي لڳي ٿو ته ايوان صدر ٻاهرين دٻاءُ جو شڪار آهي.










