لاڙڪاڻو ننڍي چونڊ، ڪاميابي جو ڪارڊ جميعت جي کيسي ۾

لاڙڪاڻو ننڍي چونڊ، ڪاميابي جو ڪارڊ جميعت جي کيسي ۾

لاڙڪاڻو (عبدالوحيد  ابڙو ) لاڙڪاڻو  صوبائي تڪ پي ايس  11 تي اليڪشن ڪميشن پاران ننڍي چونڊ جي شيڊول جاري ٿيڻ سان سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. ممڪنه اميدوارن پاران مختلف برادرين ۽ پاڙن سان رابطا ۽ منٿ ميڙ جو سلسلو به جاري آهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري به سخت مقابلي جا امڪان آهن صورتحال ففٽي ففٽي آهي. هن ڀيري به ڪاميابي جو ڪارڊ جميعت جي کيسي ۾ آهي. پيپلزپارٽي پاران صوبائي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا اميدوار فارم جمع ڪرائيندا پر اصل اميدواري آصفه ڀٽو هوندي.

نثار احمد کهڙو

هن مهل تائين جي سياسي منظر موجب جي ڊي اي ۽ جميعت گڏ آهن ۽ بظاهر سندن پلڙو ڀاري آهي پر آصفه جي پهريون ڀيرو ميدان ۾ لهڻ سبب مخالفن ۾ ٿرٿلو متل آهي. مقامي پي پي قيادت کي يقين آهي ته آخري وقت تي گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ جيان مولانا فضل الرحمان منٿ ميڙ بعد آصفه جي حق ۾ فيصلو ڪندو.

علامه راشد محمود سومرو

تازو  بلاول ڀٽو پاران مولانا جي لانگ مارچ ۽ مٿئين مهيني اسلام آباد ۾ لڳندڙ ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ رڳو  حمايت جي اعلان پويان به اهو ئي راز لڪل معلوم ٿئي ٿو ته آخري وقت تي پيپلزپارٽي ڌرڻي ۾ شرڪت جي بدلي سندس حمايت حاصل ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 ۾ ننڍي چونڊ جي شيڊول موجب پولنگ  17 آڪٽوبرتي ٿيندي،  هن تڪ تي جِي ڊِي اي جي چونڊيل اميدوار معظم عباسي کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي ڌيءُ ندا کهڙو بُري طرح سان شڪست کائي چُڪي هُئي،

ندا کهڙو

ان جي اپيل واري درخواست تي سپريم ڪورٽ معظم عباسي کي اثاثا لِڪائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نااهل قرار ڏنو هو ۽ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هُئي ته ان تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي. عدالت  معظم عباسي کي ٻيهر چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني هئي.  سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن  ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو آهي. جنهن مطابق رٽرننگ آفيسر  نامزدگي ڪاغذ جاري ۽ وصول 13 کان 15 سيپٽمبر تائين ڪندو. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 19هين سيپٽمبر تي ٿيندي، ان بعد اپيل داخل ڪرائڻ جي تاريخ 23 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي آهي ۽ اپيلن تي فيصلو  26هين سيپٽمبر تي ڏنو ويندو،  اهل اميدوارن جي حتمي فهرست 27هين سيپٽمبر تي لڳائي ويندي، هٿ کڻڻ جي تاريخ 28هين سيپٽمبر ۽ اميدوارن کي نشان الاٽ ڪرڻ جي تاريخ 29 هين سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي آهي ۽ چونڊ 17 هين آڪٽوبر تي ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو