لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي سرحدي علائقي ۾ هڪ شهري ڀارتي ڊرون تي فائرنگ ڪئي، واقعي جي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.فوٽيج ۾ هڪ شهري سرحدي علائقي ۾ هڪ ڀارتي ڊرون تي فائرنگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.ذريعن موجب جڏهن ڀارتي ڊرون پاڪستاني علائقي ۾ داخل ٿيو ته هڪ مقامي شهري ان تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، شهري جي فائرنگ کان پوءِ ڀارتي ڊرون واپس هليو ويو.ذريعن موجب سرحدي علائقي جا ماڻهو چون ٿا ته جڏهن به اهي ڀارتي ڊرون ڏسندا ته ان کي نشانو بڻائيندا.










