قادرداد خان جو ٽيجهو، اهم شخصيتن جي شرڪت، پڳ منظور خان حوالي

سوسائٽي(رپورٽ غلام رسول مھر) ڳوٺ صالح مهر ۾  مھر برادري جي چنڙ  پاڙي جي چڱي مڙس حاجي قادرداد خان مهر جو ٽيجهو ٿي گذريو. ان موقعي تي سندس مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي. جنهن بعد سندس وڏي پٽ حاجي منظور احمد خان مھر کي پڳ ٻڌرائي وئي. تقريب ۾ جي ڊي اڳواڻ، علي گوهر خان مهر پڻ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي علائقي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. جن ۾ پيپلزپارٽي پنوعاقل جو اڳواڻ سردار علي گوهر خان انڍڙ، پپو خان چاچڙ، سردارڪرم الاهي خان مهيسر، درگاھ بگوشير بادشاھ جي سجاده نشين ميان عابد حسين انڍڙ، فقير حاجي سلطان احمد خان مھر، ناليوارو وڪيل اسماعيل مھر، قاضي شيرمحمدمھر، ڊاڪٽر عبدالشڪور مھر۽ ٻيا شامل هئا. حاجي قادرداد خان مھر روايتي وڏيرن کان الڳ سوچ رکندڙ ۽ ھرغريب جو خيال رکڻ وارو ماڻهو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو