قائد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو جي 92هين سالگره ملهائي وئي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، پ پ شهيد ڀٽو ۽ ٻين ذيلي تنظيمن پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي تقريبون منعقد ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر مطابق اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني پاران ڪوٽ دراني ڳڙھي ياسين ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 ھين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو. ان موقعي تي ٽائون چيئرمين آغا شجاع الدين دراني، پ پ تعلقي ڳڙھي ياسين جو سٽي صدر دلشاد احمد ڀٽي، مولابخش ڀٽو، ڏاڏو خان بابڙ،اعجاز شاھ مشواڻي،آغا جاويد دراني ۽ ٻيا پ پ ڪارڪن ۽ عھديدار موجود ھئا. ان موقعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني ڳالھائيندي چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو وڏو ۽ عظيم ليڊر ھيو ھن پاڪستان کي ايٽمي طاقت جھڙو تحفو ڏنو.

ھن پاڪستان ۾ جمھوري حڪومت قائم ڪئي اڄوڪو ڏينھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏينھن آھي جيڪو اسان لاءِ وڏي اعزاز جو ڏينھن آھي. *** چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح موجب پ پ شھيد ڀٽو تعلقي شاهبندر پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ تعلقي صدر سيد گل حسن شاھ، محمد صديق ميمڻ، صادق لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪاٽي تقريب منعقد ڪئي وئي. *** ميهڙ مان غلام حسين پنهور مطابق اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي92 هين يوم پيدائش نيشنل پريس ڪلب ميهڙ ۾ پيپلز هاري ڪاميٽي ضلع دادو نائب صدر عبدالغفار شاهاڻي، تعلقه ميهڙ نائب صدر ذوالفقار علي سمون، محمد شريف مهيسر، شفقت سمون ۽ ٻين پاران تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي وائيس چيئرمين عبدالحليم بروهي، اڪبر پنهور، سيد حبدار شاه، عبدالحميد قمبراڻي، منظور علي ڪٽپر، صحافي سبحان سولنگي، عبدالرحمن قمبراڻي، علي دوست کوسو سميت ٻين اڳواڻن ورڪرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

*** ڏهرڪي مان جهانگير عالم دايو موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره تعلقي صدر ميان عبدالرشيد، شبير شاھ،. نديم دايو، مظفر چارھڻ، نظام الدين راڄڙي جي اڳواڻي ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ ڪيڪ ڪٽيو ويو.*** غوثپور مان عبدالنبي مطابق پيپلزهاري ڪاميٽي ضلع ڪشمور جي صدر زاهد حسين ميراڻي، جنرل سيڪريٽري احسان علي جکراڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالنبي ملڪ، زوهيب ملڪ، خورشيد احمد ڀيو پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. *** ميرپورخاص مان سيد بشير شاهه مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي 92سالگرھ جي موقعي تي پي پي تعلقي ڊگهڙي طرفان شاندار تقريب يوسي چيئرمين ميرشارق خان ٽالپر، راڻا ياسين راجپوت، راجا رام مالهي، مختيار احمد چيليو، الهداد جروار ۽ ٻين پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. *** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو مطابق پ پ شھيدڀٽو پاران حيدري هائوس تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 سالگره ملهائي وئي جنهن ۾ اڳوڻي صوبائي رابطا سيڪريٽري عبدالحئي ساوند، اسلم حيدري، سڌيراحمد ميراڻي، منورعلي کهاوڙ، خظرحيات راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. *** ڀرياسٽي مان شمشاد منگي مطابق پ پ شهيد ڀٽو پاران جوڻيجا هائوس تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 92 هين سالگراه جي تقريب هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ الله بخش جوڻيجو ، سيد اعجاز علي شاھ، رحيم بخش کوسو ، ظفر علي کوسو ، فقير رسول بخش منگريو، عبدالغني راڄپر، وقار قريشي، ڪاشف خانزادو ۽ صدام جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽي تقريب منعقد ڪئي وئي.*** خيرپورناٿن شاهه مان برڪت چانڊيو موجب شھيد ذوالفقار  علي ڀٽو جي 92 ھين سالگرھ  پ پ اڳواڻ غلام نبي مڱڻھار جي رھائش گاھ تي تعلقي ميھڙ جي اڳواڻ غلام نبي مڱڻھار، محمد علي خاصخيلي، احمد علي چانڊيو، غلام علي مڱڻھار، نظير حسين چانڊيو، رجب علي چانڊيو، ـسماجي اڳواڻ  مھراب علي ڪرٽيو، بابر علي چانڊيو، نادر چانڊيو، ڪامران مڱڻھار۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽي تقريب منعقد ڪئي وئي.

*** پڊعيدن مان مجاهد شر مطابق شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 92 سالگره  جي موقع تي تعلقي صدر عرض محمد مري، نظرخاصخيلي، منصور راڄپر، عطاءُالله راڄپر، امير بخش لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. *** نئون ڪوٽ مان پيار علي نهڙيو مطابق قائد انقلاب شهيد جهموريت ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 هين سالگرهه نئون ڪوٽ جي قائمخاني هال ۾ تعلقي صدر جهڏو نياز محمد ڀنڀرو، حاجي احمد ڪنڀر، چئيرمين ٽائون ڪميٽي، بابو سهيل احمد قائمخاني، حاجي اسلم رند، محمد حنيف ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو. *** سکر مان امداد علي ڪلوڙ مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) ضلع سکر سنڌ پيپلز يوٿ, سپاف (شھيد ڀٽو) ضلع سکر پاران ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ايٽم بم جي باني فخر ايشيا قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 سالگره جتوئي ھائوس بچل شاھ مياڻي سکر ۾ پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) ضلعي صدر محمد عيدن جتوئي، دلمراد جتوئي، حاجي ممتاز علي جتوئي، ايڊوڪيٽ سردار قربان ڪلوڙ، علي مراد مھر، جاويد نوھاڻي، سراج ميراڻي، ياسين احمد جتوئي، حماد گل اعواڻ، عمران سولنگي، توفيق جتوئي، حمادالله جتوئي، فھد ڀٽو، ڪفايت الله ڪلھوڙو، فيض الله، رحمان مھر، راجا اوڊھو، ماجد علي، ڪاشف بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملهائي وئي.

*** ملير مان شهزادو مستوئي مطابق سنڌي مسلم ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوساسوسائٽي ۾ ۾ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ملير پاران قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92هين سالگرھ ڪامريڊ سليم راجپوت، حبيب گل حمائتي، عبدالقادرميمڻ، الطاف ڊکڻ، شاھنواز کوسو، لطيف جان بلوچ، ڊاڪٽر رئوف مغيري، حبيب بلوچ،  اياز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملهائي وئي. *** مٽياري مان رياض چانڊيو موجب پ پ اڳواڻ سيد جاني شاھ حسيني پاران مٽياري ميڊيا هائوس تي اچي صحافي برادري سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو. سالگره جي تقريب ۾ منظور خاصخيلي، صحافين جي ايم بابو خاصخيلي، رياض چانڊيو، وڪيل احمد ميمڻ،  ڊاڪٽر ذوالفقار ميمڻ، ضمير خاصخيلي، بابو محمود خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. *** لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ پ پ جي باني قائد شهيد ذاولفقار علي ڀٽو جي 92 هين سالگرھ جي موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

جڏهن ته سالگرھ تقريب ۾ پ پ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، اعجاز لغاري، ڊاڪٽر شفقت سومرو، عبدالفتاح ڀٽو، شاھ رخ انور سيال،  نورالدين ابڙو، آفتاب نيڪ محمد ڀٽو، مظهر جوڻيجو، منير احمد سوهو، نثار مراد ڀٽو، ڊاڪٽر افضل ابڙو، ظفر الله سومرو، محمد امين مينگل، عمران حسن جتوئي، ظهير احمد ناريجو، غلام رسول ڇڄڙو، آصف علي عباسي، غلام قادر اهير، محمد صديق ڪوريجو، علي مراد ابڙو، منصور احمد کوکر، منور حسين مغيري، عبدالغفار ملاڻو، آفتاب ملگاڻي، صديق جان ڪوريجو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو مطابق صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ۽ پي پي پي اڳواڻ فراز امتياز شيخ طرفان شڪارپور ھائوس تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 ھين سالگرہ ملھائي وئي. ان موقعي تي پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن ڊويزنل صدر آفتاب ڌال جکراڻي، اي ڪي لاشاري، خالد ھڪڙو، اقبال عباسي، نعيم ٻرڙو، طاھر ناپر، جانثار کوسو، ظھير ڊريھو ، آپا ريحانه ڀٽو، جاويد شيخ، عاشق دايو، رضوانه شيخ ، محمد پريل عباسي، روزينه دايو ۽ ٻين پاران 92 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي يوٿ ونگ، سپاف، ھاري، ليڊيز ونگ، لائير ونگ، اقليتي ونگ سميت پي پي پي جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو