فيڪٽري مالڪن جو آبادگارن سان ظلم، انتظاميه لاتعلق

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) ٺري ميرواهه، پيروسڻ ، بوزدار ، سئي گئس ، هنڊياري ۽ ڀرپاسي ۾ ڦٽي جو فصل لهڻ شرط ڪپهه جي ڪارخانيدار مالڪن پاران هڪ هٽي قائم ڪري آبادگارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آبادگارن عبدالحڪيم بلوچ، ڊاڪٽر گلزار ڪٻر، عمران ڪٻر، نياز علي شر، بلاول ، محمد علي راڄپر ، وقار ويسر، حسرت سهتو، عاشق،علي گل ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هڪ ته هن دفعي برساتن ۽ گرمي جي شدت سبب ووئڻن جي فصل کي وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ٻه نمبر دوائون هجڻ ڪري اڳ ۾ ئي فصل انتهائي گهٽ اپت لهڻ سبب آبادگار طبقو پريشان آهي ته ويتر مٿان وري ڀرپاسي ۾ ڪپهه جي ڪارخانيدارن هڪ هٽي قائم ڪري ڦٽي جي آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لڳا ڪارخاني ۾ ڦٽيون کڻي ويندڙ آبادگار کي في مڻ تي 5 کان 10 ڪلو  ڪڻتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي

گيٽ ٻاهران اول جيڪو آبادگار هنن جي مقرر ڪيل غنڊا ٽئڪس  ڏيڻ تي راضي ٿئي ٿو ته ان جي ڦٽي جي گاڏي کي اندر وڃڻ ڏنو وڃي ٿو ۽ جيڪو انڪار ڪري ٿو ته ان کي واپس موٽائي ڇڏين ٿا گوڙ ڪرڻ تي ڪارخانيدار مالڪن پاران هر ڪارخاني تي 10 کان وڌيڪ لٺبردار ماڻهون ويهاري ڇڏيا آهن جيڪي غريب ، پورهيت ۽ آبادگار کي ڌڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏين ٿا جڏهن ته اڳ ۾  ڪارخانن تي زراعت کاتي پاران سليڪٽر مقرر ڪيا ويندا هيا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ان جي نگراني ڪندا هيا پر هن دفعي ڪپهه جي ڪارخانن جي مالڪن  آفيسرن جا ڀڀ ڀري ڇڏيا آهن جنهن سبب ڪنهن به شڪايت جو ڪو نوٽيس توڙي ازالي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪري آبادگار طبقو انهن جي ڏاڍ ۽ انتظاميه جي بيحسي جي ڪري اها مقرر ڪيل غنڊا ٽئڪس ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو آهي ڇوته ڪوبه تدارڪ ڪرڻ وارو نه رهيو آهي هن چيف جسٽس آف سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ڪارخاني مالڪان پاران مقرر ڪيل غنڊا ٽئڪس ۽ ڪڻتي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي آبادگار طبقي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو