فيس بڪ ٽرمپ جا اڪائونٽس وڌيڪ ٻن سالن لاءِ معطل ڪري ڇڏيا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ جا اڪائونٽس وڌيڪ 2 سالن جي لاءِ معطل ڪري ڇڏيا. فيس بڪ طرفان اڳوڻي صدر ٽرمپ جي پهرين کان معطل ٿيل فيس بڪ ۽ انسٽا گرام اڪائونٽ جي معطلي ۾ وڌيڪ 2 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ ان جي فيس  بڪ ۽ انسٽاگرام جا اڪائونٽس 2023 تائين معطل رهندا.فيس بڪ سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٽرمپ کي ان جي صدارت جي آخري ڏينهن ۾ بلاڪ ڪيو هو. اڳوڻي صدر آمريڪي پارليامينٽ ڪيپٽل هل تي حملو ڪندڙن جي حمايت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ان جا فيس بڪ، ٽوئٽر، انسٽاگرام ۽ يو ٽيوب اڪائونٽس کي به اڻڄاڻايل مدي لاءِ معطل ڪيو ويو هو.ان حوالي سان فيس بڪ چيو آهي ته آمريڪي پارليامينٽ تي حملي کان پوءِ ٽرمپ جو رد عمل ڪمپني جي قانونن جي ڀڃڪڙي هو. فيس بڪ وڌيڪ چيو ته هاڻ هو سياستدانن کي خبرن ۾ پنهنجي اهميت زنده رکڻ جي لاءِ بيانن جي بنياد تي وڌيڪ نامناسب مواد کي پکڙجڻ جي سهوليت نه ڏيندو.ٽرمپ جي حوالي سان فيس بڪ جي نائب صدر جو چوڻ هو ته اڳوڻي آمريڪي صدر تي لڳايل پابندي ۽ ان جي اڪائونٽس جي شروعاتي معطلي جي تاريخ 7 جنوري کان ئي آهي. ٻئي طرف فيس بڪ جي اهڙي قدم تي اڳوڻي آمريڪي صدر پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته هي ان لکين آمريڪين جي توهين آهي جنهن کيس گذريل سال صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو