فردوس کي هڪ ڏوهه جي معافي ٻئي ۾ نئون نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي اطلاعات بابت معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ جي غير مشروط معافي قبول ڪندي کيس نئون توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي 5 نومبر تي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ سماعت شروع ٿي ته پنجاب جو ايڊوڪيٽ جنرل، سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان بار ڪائونسلز جا نمائندا به موجود هئا. ياد رهي ته گذريل ڇنڇر تي جڏهن شهباز شريف جي درخواست تي طبي بنيادن تي نواز شريف جي ضمانت منظور ڪرڻ واري ڪيس جي شام دير تائين سماعت جاري رهڻ بعد عدالت ّمانت منظور ڪئي هئي ته فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته موڪل جي ڏينهن عدالتي وقت کان پوءِ ڪيسن جي سماعت ڪرڻ ۽ بيماري جي بنياد تي ضمانت ڏيڻ تي هن عدالت تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ان سان ٻيا قيدي به درخواستون ڪندا هي وڏو مسئلو پيدا ٿيندو. جنهن تي کيس توهين عدالت جو نوٽيس جار ي ڪيو ويو هو. جنهن ۾ مٿس ٻه الزام هئا هڪ ته هن عدليه کي اسڪينڊلائيز ڪيو آهي ۽ ٻيو ته ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عدالت کيس بلند آواز ۾ قاعدا پڙهڻ لاءِ چيو جنهن ۾ لکيل آهي ته چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ سينئر جج ڪم ڪندو، عدليه موڪل جي ڏينهن ۽ عدالتي وقت کانپوءِ به عوامي اهميت جي ڪيسن جي سماعت ڪري سگهي ٿي. جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته اوهان کي جيڪڏهن قنون وڳاري وزارت ڪجهه ناهي ٻڌايو ته ڪنهن سينئر وڪيل کان ئي پڇي وٺو ها. فدوس عاشق اعوان چيو ته هوءَ توهين عدالت جو سوچي به نٿي سگهي، عدليه بهترين ڪم ڪري رهي آهي ۽ هوءَ غير مشروط معافي ٿي وٺي. جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته عدليه کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ تي معافي قبول ٿا ڪريون پر ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ واري ڏوهه ۾ اوهان کي نئون توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪريون ٿا ۽ 5 نومبر تي حاضر ٿيو. جنهن تي هن چيو ته 5 تي ڪابينا جو اجلاس آهي تاريخ مٽايو، جج چيو ته هي توهين عدالت جو ڪيس آهي، اوهان ڪڏهن ضلعي عدالتن ۾ به ڪابينا جو اجلاس ڪريو، جتي جج دڪانن نما عدالتن ۾ ويهن ٿا ۽ باٿ روم به ڪونهي.

پهنجو تبصرو موڪليو