پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس پهريون جديد جنگي جهاز رفال Rafale ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڀارتي وزير دفاع راج ناٿ سنگهه پوڄا پاٺ کانپوءِ جنگي جهاز ۾ سفر به ڪيو. هن “شستر پوڄا” يعني هٿيارن جي پوڄا ڪندي سندور سان اوم لکيو، گل، ناريل ۽ لڏون چڙهايا ۽ جهاز جي ڦيثي هيٺان 2 ليما به رکيا.

رفال جهاز جي خريداري لاءِ ڪانگريس پارٽي جي حڪومت 2010 ۾ فرانس سان ڳالهيون شروع ڪيون ۽ قيمت گهٽ ڪرڻ بابت بارگين ڪئي. معاملو چپ ٿي ويو ۽ 2015 ۾ مودي سرڪار جي اچڻ بعد ڳالهيون بحال ٿيون ۽ هن 2016 ۾ 8.78 ارب ڊالر جي لاڳت سان 36 جنگي جهاز خريدڻ بابت معاهدو ڪيو. ڀارت جي اپوزيشن جي جماعت ڪانگريس پارٽي ٽيڻ تي وڌيڪ قيمت تي خريداري ۽ انيل امباڻي جي ڪمپني کي ٺيڪو ڏيڻ بابت ڪرپشن جا الزام هنيا جيڪي ثابت ڪونه ٿيا. رفال جهاز جي حوالگي جي تقريب کي خطاب ڪندي راج ناٿ سنگهه ٻڌايو ته رفال فرانسيسي ٻولي ۾ طوفان کي چئبو آهي ۽ هو اميد ٿو ڪري ته هي ڀارتي فوج لاءِ نالي موجب طاقتور ثابت ٿيندو.

هي فرانسيسي ڪمپني داسا Dassault ٺاهيو آهي. هن جنگي جهاز ۾ 150 ۽ 300 ڪلوميٽر تائين نشاني کي ڪاميابي سان تباهه ڪرڻ وارا ٻن قسمن جا ميزائيل داغي سگهجن ٿا. هي ايٽمي ميزائيل به کڻي وڃي سگهي ٿو. ماهرن موجب هي جنگي جهاز لبيا، شام، افغانستان، مالي ۽ عراق ۾ استعمال ٿي چڪو آهي. هن تي عالمي معاهدن سبب ايٽمي ميزائيل لوڊ ناهي ڪيو ويو. هن جي رفتار 2020 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، فضا ۾ تيل ڀرڻ، سامونڊي ايئرڪرافٽ ڪيريئر ۽ ننڍي جاءِ تي لهڻ جي صلاحيت آهي. هن جهاز مان هر طرف يعني 360 ڊگري تي ڏسڻ جي سهولت به موجود آهي.