غزا جي معاملي ۾ نيتن ياهو غلطي ڪري رهيو آهي، بائيڊن

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه مسئلي ۾ غلطي ڪري رهيو آهي. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ جوبائيڊن چيو ته هو غزه مسئلي تي اسرائيلي وزيراعظم جي روش سان متفق نه آهي، نيتن ياهو غزه مسئلي تي غلط بياني ڪري رهيو آهي. جوبائيڊن چيو ته غزه ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي مڪمل پهچ هجڻ گهرجي، امدادي تنظيمن جي گاڏين تي حملو اشتعال انگيز ي آهي. آمريڪي صدر چيو ته هو اسرائيلين کي چوندو ته هو رڳو جنگبندي جو مطالبو ڪن، ايندڙ ڇهن کان اٺن هفتن تائين سموري خوراڪ ۽ دوائن تائين مڪمل رسائي جي اجازت ڏين.ياد رهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته عالمي دٻاءُ جي ڪا اهميت ناهي، اسان رفح آپريشن جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، رفح آپريشن جاري رهندو. 7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي بربريت ۾ 34 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 80 هزار جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو