عوامي احتجاج بعد سکر جي واهن تي رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو

سکر(جيرام داس) سکر جي چيف انجنيئر مختلف واهن ۾ پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. سکر ريجن جي چيف انجنيئر طرفان آبپاشي کاتي ڏانهن 13 جون تي هڪ خط موڪليو ويو، جنهن ۾ فيض گنج واهه، علي نواز واهه، ويهون واهه ۽ پنڌرهون واهه مان غيرقانوني طور پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاءِ رينجرز کا مدد طلب ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيف انجنيئر آبپاشي کاتي کي سفارش ڪئي آهي ته سکر ڊويزن بئراج، ايسٽ ۽ ويسٽ ڊويزن خيرپور ۾ رينجرز جي مقرري لاءِ گهرو کاتي کي درخواست ڪئي وڃي. واضح رهي ته آبادگارن طرفان واهن ۽ شاخن مان پاڻي چوري خلاف مسلسل احتجاج ڪيا ويا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو