عمران اسماعيل ۽ علي گوهرخان جون وزيراعظم سان ملاقاتون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان علي گوهر مهر ۽ عمران اسماعيل هڪ ئي ڏينهن ۾ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر مهر ملاقات ڪئي، وزيراعظم هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اُن کانسواءِ برساتن ۽ صفائي سُٿرائي نه ٿيڻ جي ڪري عوام کي پيش ايندڙ پريشانين جي حوالي سان به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به الڳ ملاقات ڪئي.

Governor Sindh Mr. Imran Ismaeel calls on Prime Minister Imran Khan at PM Office Islamabad on 2nd August, 2019

جنهن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ مختلف مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. موجوده سياسي صورتحال ۾ وزيراعظم سان علي گوهر مهر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي هڪ ئي ڏينهن ٿيل ملاقات کي سياسي پنڊت اهميت ڏئي رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو