علي مدد جتڪ جي قافلي ويجهو ڌماڪو، 6 ڄڻا زخمي

علي مدد جتڪ جي قافلي ويجهو ڌماڪو، 6 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر علي مدد جتڪ جي قافلي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي.پوليس موجب ڌماڪو صوبائي اسيمبلي ميمبر علي مدد جتڪ جي قافلي جي ويجهو سرياب روڊ تي ٿيو.پوليس موجب، ڌماڪي ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر محفوظ رهيو، جڏهن ته ڇهه ماڻهو زخمي ٿيا.ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 6 ماڻهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته هاڪي گرائونڊ ۾ پاڪستان جي ڀارت تي فتح جي خوشي ۾ هڪ جشن جي تقريب منعقد ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ علي مدد جتڪ ريلي جي صورت ۾ اچي رهيو هو.ڌماڪي کان پوءِ هاڪي گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب لاءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو