پوليس پاران نوجوان ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ڪشمور پوليس جو ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن، ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل مغوي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ. سي آئي اي پوليس انچارج گل محمد مهر ۽ ان جي ٽيم جي پوليس اهلڪارن خفيا اطلاع ملڻ تي ڪچي جي گهوڙا گهٽ واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري مقابلي بعد  ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل جيڪب آباد جي جونگل واري علائقي جي رهواسي  مغوي نوجوان اياز علي پھوڙ کي ڌاڙيلن جي چنگل مان بازياب ڪرائي ورتو۔ پوليس پاران علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي.     

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو