ڪنڊيارو(اسد جعفري) ڳوٺ ڌڻي ڏنو راڄپر جي رهواسي راڄپر برادري جي ماڻهن غلام اصغر، عبدالغفار، عبدالجباز، محمد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن ٻه همراهه غلام اڪبر ۽ سجاد ڪنڊيارو جي عدالت مان شنوائي تان موٽي رهيا هئا ته سي اين جي روڊ تان ڪار ۾ سوار پوليس وردي ۾ پهريل ماڻهو کين ڪار ۾ ويهاري زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا. حد جي ڪنڊيارو پوليس وٽ وياسين پر پوليس اسان جي همراهن کان گرفتاري جي لاتعلقي ظاهر ڪئي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن همراهن کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.










