ڪراچي ( ن سنڌيار) ڪراچي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ E بلاڪ جا متاثر رھواسي انصاف جي اوسيئڙي ۾ 29 ڏينھن بـ سراپا احتجاج بڻيل قام ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي قوم پرست ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت متاثرن ڪي جدوجھد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو عزم سنڌ سرڪار عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ E بلاڪ جي رھواسين کي غير يقيني صورتحال ختم ڪرائڻ لاء اڃان تائين ڪي بـ موثر قدم ناھن ڍنيا ان ڏس ۾ احتجاجي ڪئمپ تي سينيئر قوم پرست اڳواڻ ۽ قانوندان سيد غلام شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ E بلاڪ جي رھواسين جي جدوجھد کي سلام پيش ڪريان ٿو جن نـ رڳو پنھنني ڳوٺ جو تحفظ پر ڪراچي ۾ رھندڙ سمورن سنڌين جو تحفظ ڪيو آھي ۽ انھن جو آواز بڻيا آھن ھن وڌيڪ چيو تـ ڪراچي جي وجود کان اڳ سنڌ ڌرتي جا اصل رھواسي سنڌي ھتي آباد ٿيل ھئا جن کي ھاڻي ھڪ منظم سازش تحت ٽارگيٽ بڻائي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ لاء سازشون ڪري سسٽم مافيا کي استعمال ڪري سنڌي ڳوٺن کي ڊاهڻ لاء ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن هن چيو ته جتي سنڌي ماڻهن کي مستقل آباد ڪري روزگار جا وسيلا پئدا ڪيا وڃن انهن کي غير قانوني قبضو قرار ڏئي ختم ڪرائڻ لاء ڪاروائيون ٿين پيو هن چيو ته سموري ڪراچي اندر غير ملڪي ڌارين جا قبضا آهن سرڪار کي اهي دهشتگرد نظر نٿا اچن پر امن ۽ پسند سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جون سازشون ٿين پيون جنهن خلاف متحد ٿي سنڌي ڳوٺن جو تحفظ ڪنداسين هن چيو ته ڪرپٽ ڪامورا ۽ سرڪار بلڊر مافيا جا وانگارو ٿي ڪم ڪن پيا ڪامورا ۽ بلڊر مافيا ملي ڀڳت ڪري لٽ مار ڪرڻ ۾ مصروف آهن انهن مان چڱائي جا اميد ناهي تنهن ڪري پرامن جدوجهد ڪري پنهنجي گهرن کي مالڪي ڪئي ويندي عبدالله شاه غازي ڳوٺ E بلاڪ کي مالڪاڻه حق ڏئي غير يقيني صورتحال مان نه ڪڍيو ويندو احتجاج جاري رکيو ويندو ان موقعي تي ڪراچي سوشل فورم اڳواڻ محبوب عباسي. ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو. ايس ٽي پي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي. عنايت کٽياڻ . الطاف ميمڻ ۽ ٻين ڄيو ته جدوجهد ڪاميابي طرف وڃي رهي آهي جمهن ڪري احتجاج ڪندڙن خلاف سوشل ميڊيا ذريعي منفي پرويگنڊا ڪئي وڃي اسان اهڙي هر سازش کي پوئتي رکي پنهنجي مقصد تي ڌيان ڏينداسين جيستائين غازي عبدالله شاه ڳوٺ E بلاڪ متاثرن سان انصاف نه ٿيندو جدوجهد جاري رهندي.










