عاطف خان ۽ شير علي  پارٽي عهدن تان فارغ

عاطف خان ۽ شير علي پارٽي عهدن تان فارغ

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ وڌيڪ اختلاف سامهون اچي ويا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير عاطف خان ۽ شير علي ارباب کي پارٽي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.عاطف خان پي ٽي آءِ پشاور ريجن جو صدر ۽ شير علي ارباب ضلعي پشاور جو صدر هو.عاطف خان برطرف ڪيل وزير شڪيل خان جي حق ۾ بيان ڏنو هو، جڏهن ته شير علي ارباب وڏي وزير تي بي اعتمادي واري ٺهراءَ تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.عاطف خان جي جاءِ تي ارباب عاصم کي پي ٽي آءِ پشاور ريجن جو صدر، عرفان سليم کي پي ٽي آءِ ضلعي پشاور جو صدر ۽ شهاب ايڊووڪيٽ جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.شير علي ارباب جو چوڻ آهي ته کيس عهدي تان هٽائڻ جا سبب معلوم ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو