ٻيڙي ٻڏل فوتين جو انگ 8 ٿي ويو،5 جي ڳولا جاري

مانجهند(رپورٽ مهراڻ يوسف عمراڻي) انڙپورويجهو سنڌو درياه ۾ گذريل ڏينهن تيز طوفان سبب ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي۾ ماڇي برادري جي هڪ ئي خاندان جي ٻڏي فوت ٿيندڙن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 درجن لڳ ماڻهن تري جان بچائي هئي. 3 لاش ٻيڙي ٻڏڻ بعد فوري طور ڪڏيا ويا هئا جن ۾ مسمات آست زال خان محمد ماڇي،  مسمات پوپري زال ڪمال ۽ هڪ سال جي ٻارڙي عمران ولد محمد خان شامل هئا. جن جي آچر تي تدفين ڪئي وئي. جڏهن ته وڌيڪ پنج  عورتن ۽ ٻارڙن جي ڳولا جاري آھي. جنهن ۾ مسمات قائمه  زال سونو سندس پٽ 4 ورهين جو زميندار ماڇي مسمات گولائي زال مير حسن سندن ننهن خانزادي زال کوئو ۽ ٻن سالن جو ٻارڙو جا لاش ھٿ اچي نه سگهيا. جن جي نيوي جا ٽوٻا ڳولا ڪري رهيا آهن. ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد انتظاميا سهڪار ۾ آھي. هوڏانهن اڳوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو امدادي سامان سميت واقعي واري هنڌ پهچي متاثر خاندان کي مالي مدد جو يقين ڏياريو. اي ڊي سي ڄامشورو شوڪت اڄڻ ،ايس ايس پي توقير نعيم، مختيارڪار مانجهند، ڊي ايس پي خاڻوٺ، نيوي ۽ رينجرس جا جوان ريسڪيو سرگرمين ۾حصو وٺي رهيا آھن. علائقي واسي به وڏي تعداد ۾ مدد لا۽ پهتل آھن. ياد رهي ته واقعي واري ڏينهن ڊي سي ڄامشورو جي 6 ماڻھن جا لاش ڪڍڻ واري دعوي درست ثابت نه ٿي سگهي. انتظاميا متاثرن لا۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرايو آهي. هٿ آيل ٻن عورتن جي ڳوٺ جاکري ۾ تدفين ڪئي وئي جڏهن ته نينگر عمران کي انڙپور ويجهو دڙا ماڇي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آھي ۽ فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آھي. واضح رهي ته متاثره خاندان جا ڀاتي مٽياري مان دوا ۽ عيد خريداري ڪري واپس انڙپور لڳ ڳوٺ دڙا ماڇي اچي رهيا هئا ته مانجهند تعلقي جي حد سنڌودرياه ۾ حادثو پيش آيو ۽ تيز هوائن سبب ٻيڙي اونڌي ٿي پئي هئي.  ڳوٺ جي معزز منظور علي ماڇي ٻڌايو ته بروقت انتظاميا نه پهتي جنهن سبب لاش ڪڍڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش آيون. ياد رهي ته ڪالهه رات حادثي وقت ڄامشورو ۽ مٽياري پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي موقعي تي نه پهتا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو