صارفين طرفان بائيڪاٽ کان پوءِ فيس بڪ جي ريٽنگ ڪري پئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ طرف فلسطين تي جاري اسرائيلي جارحيت جو سلسلو نه رڪجي سگهيو آهي ته  ٻئي طرف سماجي رابطي جي سڀني کان وڏي ويب سائٽ فيس بڪ اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي خلاف صارفين جون پوسٽون ڊيليٽ ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي پر  هاڻ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف صارفين جي پوسٽ ڊيليٽ ڪرڻ تي سموري دنيا ۾ صارفين فيس بڪ جو بائيڪاٽ شروع ڪري ڏنو آهي.گوگل پلي تي فيس بڪ جي ريٽنگ 4 کان ڪري 2.6 ٿي وئي آهي. جڏهن ته ايپ اسٽوريز تي اها ريٽنگ گهٽ ٿي 2 اعشايه 4 رهجي وئي. فيس بڪ طرفان فلسطين جي حمايت ۾ ڪيل پوسٽ ڊيليٽ ڪرڻ جي خلاف سوشل ميڊيا صارفين سراپا احتجاج بڻيل آهن.صارفين مختلف سوشل ميڊيا ايپس تي احتجاج به رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين صارفين تي به زور ڏنو پيو وڃي ته هو به فيس بڪ جي ريٽنگ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ايپ 1 اسٽار جي درجه بندي ڪري. هڪ صارف ٽوئٽر تي ايڊيٽ تصوير شيئر ڪندي ٻڌايو ته فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف پوسٽس ڪيئن ۽ ڇو ڊيليٽ ڪئي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو