شُگر ملون نه هلڻ ۽ اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف احتجاج

دڙو (امداد ميمڻ) سجاول ضلعي جي 3 شگرملز شاھمراد شگرمل، لاڙ شگرمل ۽ ديوان شگرمل انتظاميا سرڪاري اعلان باوجود اڃا تائين ملز کي چالو نه ڪري سگھيون آھن. جنھن سبب سجاول، ٺٽي، بدين ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ پوکيل لکين ايڪڙن تي مشتمل ڪروڙين مڻ ڪمند جو تيار بيٺل فصل پنھنجو وزن گھٽائي سڪي تباھ ٿي رھيو آھي. ان ڏس ۾ دڙو ۽ ٻنون ۾ سوين  آبادگارن جو ھنگامي اجلاس سنڌ آبادگار بورڊ جي ميمبر سيد علي اڪبر شاھ ڄاموٽ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. جنھن ۾ مقامي آبادگار اڳواڻن ماما اعجاز سومرو، محمد خان مگسي، محمد خان ڪڇي، ديوان پرڪاش مل، اڪبر ڀنڀرو، عزيز سومرو سميت ٻين آبادگارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت آبادگارن کي معاشي طور تباھ ڪرڻ لاءِ سازشون شروع ڪري ڇڏيون آھن. حڪومت ڪمند واري مسئلي کي اينگهائڻ لاءِ پاسما کي اڳيان ڪري ڇڏيو آھي. پاسمان اڃا تائين ڪمند جو اگھه مقرر نه ڪرڻ سميت ملز کي اڃا چالو نه ڪيو آھي. ھنن چيو ته ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ سبب اربين روپين جي نقصان جو خدشو آھي. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت ملز جي طاقتور گروپ آڏو بيوس آھي جنھن سبب ملز کي نه ھلائڻ ۽ ڪمند جا اگھ مقرر نه ڪرڻ سبب سنڌ جي آبادگارن کي مستقل طور تباھ ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آھي. ڪمند جو گھٽ ۾ گھٽ اگھ 250 روپيا مقرر ڪيو وڃي. جڏھن ته  گذريل سال جي ڪمند جي مد ۾ به ڪافي شگرملز ڪروڙين روپين جون رھتون به اڃا تائين آبادگارن کي ادا نه ڪيون آھن جنھن سبب آبادگار طبقو معاشي طور تباھ ٿي ويو آھي. ھنن چيو ته ھڪ طرف پاڻي جي کوٽ آھي ته ٻئي طرف ڊيزل، ٻج ۽ ڀاڻ وغيره جا پيسا نه ھئڻ سبب آبادگار معاشي طور تباھ ٿي ويا آھن. ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعظم عمران خان، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ ۾ شگرملز کي فوري طور تي چالو ڪرائي ڪمند جو گھٽ ۾ گھٽ اگھ 250 روپيا مقرر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو