شيخ رشيد جو روڊ ڪناري نهاري، مغز ۽ پاوَن سان ناشتو

سکر (رپورٽ؛ جئه رام بختيارپوري) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد ڇنڇر ڏهاڙي صبح سوير گهنٽا گهر واري علائقي ۾ واقع پراڻي مگر مشهور ”دهلي ملڪ“ هوٽل ٻاهران عام ماڻهن سان گڏجي ناشتو ڪيو. وفاقي وزير انهيءَ هوٽل تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ مبين احمد جتوئي، شفقت شاهه ۽ ٻين سان گڏجي پهتو. وفاقي وزير جي هوٽل ٻاهران پهچڻ وقت اتي موجود عام ماڻهن سندس گرمجوش استقبال ڪيو. جن کي وفاقي وزير پاڻ سان گڏ ناشتو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وفاقي وزير بعد ۾ روڊ ڪناري لڳل عام ڪرسين تي ويهي نهاري پاون، مغز، ڇولن پراٺن وارو ناشتو ڪيو ۽ پٺاڻ جي هوٽل تان گهرايل چانهن پيتي. جنهن بعد وفاقي وزير سکر ريلوي اسٽيشن پهتو. جتي پاڪستان ريلوي جي آفيسرن سندس استقبال ڪيو ۽ بريفنگ ڏني. بعد ۾ وفاقي وزير ٽرين وسيلي ڪوئيٽا روانو ٿي ويو. ٻڌايو ويو آهي ته شيخ رشيد ڪوئيٽا ويندي ويندي شڪارپور، جيڪب آباد، ڊيرا مراد جمالي ۽ ٻين اسٽيشنن تي مختصر وقت گذاريندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو