شهر ۾ گندگي وڌڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف مختلف جماعتن جو احتجاج

دادلغاري (رپورٽ باقر پتافي) جي يو آءِ جي سڏ تي شھري ايڪشن ڪاميٽي، فنڪشنل ليگ ۽ ايس ٽي پي پاران داد لغاري شهر ۾ گندگي وڌي وڃڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف گڏيل احتجاجي جلوس ڪڍيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. مختلف تنظيمن جي اڳواڻن عبدالحڪيم لغاري، حافظ منظور احمد لغاري، محمود گبول عبدالرزاق مھر ۽ ظھورمھر جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان وٺي مين چوڪ تائين جلوس ڪڍيو ويو. جلوس کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته يوسي چيئرمین ھرمھيني فنڊ وٺي ٿو پيو پر شھر ۾ ڪو به ترقياتي ڪم يا صفائي بابت خرچ نٿو ڪري. شھر اندر ھر گھٽي م پاڻي بيٺل آھي جنھن سبب ماڻھن جي شھر اندر اچڻ وڃڻ عذاب ٿي ويو آهي. هنن چيو ته گيس جي لائن شھر اندران گذري پئي پرشھر جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهنن يوسي چيئرمین عبدالرزاق پتافي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي طرفان نالين جو ڪم ھلي پيو ان ڪري نالين کي چند ڪلاڪن لاءِ بند ڪيوسين جنھن سبب شھر اندر پاڻي اچي ويو. هن چيو ته بعد ۾ مان پاڻ بيهي شھر مان گندو پاڻي ڪڍرايو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو