شبير بجاراڻي جي آپڪا جي صدر جي پونئرن سان تعزيت

مبارڪپور (قربان مهر) پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ميرشبيرعلي خان بجاراڻي مختلف ڳوٺن ۾ عذرخواهيون ڪيون ۽ مقامي معزز شخصيتن سان ملاقات ڪئي. هن مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ دولت بروهي ۾ آپڪا  جي صدر مرحوم دوست محمد بروهي جي گهر پهچي سندس پونئرن سان عذرخواهي ڪئي. جنهن بعد هن مبارڪپور جي معزز شخصيتن حاجي سردار خان مهر ۽ يوسي ميرل جي چيئرمين محمد عارف خان کوسو سان ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي به گڏ هيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو