شادي ڪاڄ ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ ٻه عورتون قتل ، انڊس هاءِ وي تي احتجاج

ڳڙهي ياسين (رپورٽ شفيق مهر )ڳڙهي ياسين ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ شادي ڪاڄ دوران معمولي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 عورتون قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پئي. اطلاعن  موجب ڳوٺ جتن جي ڪڙي ۾ جمالي برادري جي هلندڙ شادي ڪاڄ دوران پيسن جي ڏيتي ليتي جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان ناري ريما ڌيءُ محمد شريف جمالي موقعي تي قتل ٿي وئي، جڏهن ته شريفان زال بدرالدين جمالي ۽ حسنا ڌيءُ پهلوان جمالي سخت زخمي ٿي پيون، جن کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو نيو پئي ويو ته شريفان زال بدرالدين جمالي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. جڏهن ته هڪ عورت کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ٻنهي مقتول عورتن جا لاش تعلقه اسپتال ڳڙهي ياسين آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. متاثره جمالي خاندان جي ماڻهن مقتول ريما ۽ مسمات شريفان جا لاش کڻائي ڳڙهي ياسين ڀرسان کيرٿر ڪئنال پل لاڙڪاڻو شڪارپور انڊس هاءِوي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن بعد شڪارپور لاڙڪاڻو ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون هوڏانهن وارث عورتن مسمات نهالا ،ڄامل ۽ مردن محمد عظيم ، بدالدين ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي دانهيندي چيو ته جوابدار سعيد جمالي وحيد جمالي نياز جيهو گل حسن ڪيهر ۽ ٻين جوابدارن اسانجي عورتن کي بيگناھ قتل ڪيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو