مورو (ن سنڌيار)پاڪستان تحريڪ انصاف اگواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته مون مٿان سچ ڳالھائڻ تي ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو ويو ڇاڪاڻ تہ مان سنڌ جي ھر اشوز تي نروار ٿي ڀرپور آواز اٿاريو آھي ء ڌرتي ڌڻين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪندو آھيان سنڌ اسيمبلي جي فلور تي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف آواز اٿاريو آھي جيڪو منھنجو ڏوھ آھي جنھن ڪري موکي دھشتگرد پيش ڪيو ويو پر اڄ اھي پاڻ معاشي دھشتگرد بڻجي ڦاسي چڪا آھن. اهڙو اظهار هن جيل مان آزادي بعد سنڌ جي دوران دوران مورو پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مورو پهچڻ تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.

ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو ته اسان عمران خان جا سپاھي آھيون اڄ منھنجي آزادي ٿي آھي پوري سنڌ م نڪتو آھيان ته موکي سنڌ جي عوام ڀرپور موٽ ڏني آھي ڇاڪاڻ ته مان انھن جو آواز اٿاريو آھي جيڪو منھنجو فرض آھي. ھن وڌيڪ چيو ته جيڪي ڪامورا رشوت عيوض ڀتا خوري ڪري رھيا آھن اھي فيڊرل گورنمينٽ ۾ ھجن، پوليس يا ڪنھن به کاتي ۾ ھجن انھن جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آھي ۽ اھي جلد ضلعي بدر سان گڏ گھر ڀيڙا پڻ ٿيندا ۽ هنن جيڪو ظلم ڏاڍ ڪيو آھي ان جو به حساب ڪتاب ورتو ويندو.

ھن چيو ته غريب عوام بل ادا ڪري ٿو پر بااثر بجلي جو بل ادا نه ٿا ڪن جن ڏانھن ڪروڙين رپيا رھتون آھن، واپڊا جي ادارن م بھتري آڻڻ جي ڪوشش ورتي وڃي پئي انشاء الله بھتري اچي ويندي، ھن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وبا دوران سنڌ جي غريب ماڻهن کي شفاف نموني وفاقي حڪومت طرفان 60 ارب رپيا ڏنا ويا، وينٽيليٽر ڪٽون ء ٻيو سامان مھيا ڪيو ويو پر ھن وقت سنڌ ڪتن ۽ نانگ جي چڪ کان بچاءُ جي ويڪسين نه ملڻ سبب معصوم جانيون ضايع ٿي ويون. ھن وڌيڪ چيو ته اڄ افسوس جي ڳالهه اھا آھي تي جسٽس آفتاب ڳورڙ پنھنجي ڪورٽ ۾ چوي ٿو ته موکي راڪيٽ لانچر ھڻڻ جو چيو ويو آھي معنيٰ جيڪو سچ چوي ان کي سزا ڏني ويندي پگھار بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ويندي.

حليم عادل شيخ سچ ڳالھائي ته ان مٿان فائرنگ ڪرائي دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو، صحافي سچ لکندا ته انهن جو حشر اجي لالواڻي ء عزيز ميمڻ جھڙو ٿي ويندو جنھن مان صاف ظاهر آھي ته سنڌ ۾ مافيا جي حڪومت آھي جيستائين ان جو خاتمو نه ٿو اچي تيستائين سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ اڄوڪي جسٽس آفتاب ڳورڙ جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي نوٽيس وٺڻ گھرجي.

ان موقعي تي غلام مرتضيٰ ڏيپر، امتياز راڄپر صوبائي رھنما يوٿ ونگ، ممتاز علي سولنگي، عبداللطيف انصاري، محمد بچل بھڻ، يار محمد ملاح، عبدالسميع ڪلھوڙو ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا.










