اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي سيڪريٽري جمعي ڏينهن تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ سفارتي مشنز لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) بابت بريفنگ سيشن جو انعقاد ڪيو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم جي حڪومتي خصوصي معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان ان موقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ سفارتي ڪور ڪائونسل جي قيام ۽ ان جي مختلف پهلوئن بابت آگاهي ڏني وئي. هن پاڪستان ۾ 4 اهم شعبن بشمول آئي ٽي، زراعت، توانائي ۽ مائننگ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي خاص طور تي اجاگر ڪيو. پاڪستان حڪومت تازو ئي هڪ خاص سيڙپڪاري سهولتن واري ڪائونسل قائم ڪئي آهي جيڪا هڪ ’ون ونڊو‘ پليٽ فارم طور ڪم ڪندي ته جيئن فيصلا سازي کي تيز ڪري ۽ ملڪ ۾ سڌي طرح پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي. بريفنگ سيشن ۾ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
