سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين خلاف اپوزيشن ۽ حڪومت جون رٿون ناڪام

اسلام آباد(اياز مهر) سينيٽ چيئرمين خلاف اپوزيشن ۽ ڊپٽي چيئرمين خلاف حڪومت جي رٿ ناڪام ٿي وئي. ٻئي بدستور ڪم جاري رکندا. صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جي عدم اعتماد واري رٿ ناڪام ٿي وئي آهي رٿ جي حق ۾ 50 ووٽ آيا، گهربل ووٽ 53 هئا. اپوزيشن جي قرارداد جي مخالفت ۾ حڪومت کي 45 ووٽ مليا يعني حڪومت جا پڪا ووٽ 36 هئا اپوزيشن جا 9 ووٽ حڪومت کي مليا. اپوزيشن جا 5 ووٽ رد ٿيا جن ڄاڻي واڻي غلط ووٽ ڏنا. يعني اپوزيشن جا 14 سينيٽرن بغاوت ڪئي آهي. صادق سنجراڻي بدستور چيئرمين سينيٽ ڪم ڪندو رهندو. اپوزيشن جا سنيٽرعين وقت تي ڦري ويا ۽ بغاوت ٿي وئي. ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا کي هٽائڻ لاءِ حڪومتي رٿ جي حق ۾ 32 ووٽ پيا جڏهن ته مخالفت ۾ 6 ووٽ پيا. اپوزيشن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ حڪومتي رٿ به ناڪام ٿي ويون. اڳ ۾ ايوان ۾ رٿ جي حمايت ۾ اپوزيشن جا 64 سينيٽر اٿي بيٺا هئا پر ووٽ 50 آيا. پهريون ووٽ حافظ عبدالڪريم ڏنو. اپوزيشن جو پولنگ ايجنٽ جاويد عباسي ۽ حڪومت جو نعمان وزير بڻيا. ايم ڪيو ايم جي سينيٽر بيريسٽر محمد علي سيف جي صدارت ۾ ڪاروائي هلي. مسلم ليگ (ن) جي نجمه حميد جي ووٽ مهل هن چيو ته سندس نظر ڪمزور آهي ۽ ساٿي سينيٽر چيو ته هو ساڻس گڏ ويندي جنهن تي افسر صدارت کيس منع ڪندي سينيٽ اسٽاف جي عورت گارڊ کي هن سان گڏ موڪليو. هاڻي حڪومت جي رٿ تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين خلاف ووٽنگ ٿيندي. ووٽنگ دوران صادق سنجراڻي مسڪرائيندو رهيو اپوزيشن وارن سان هٿ ملائيندو رهيو، ايوان جي آخري سيٽ تي پي پي سينيٽر قرت العين مري سان گپ شپ ڪندو رهيو. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف پاران اپوزيشن جي سينٽرن جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو، 64 جي لڳ ڀڳ سينٽر شريڪ ٿيا. ٻه درجن جي لڳ ڀڳ سينيٽر پنهنجا ڪارڊ گهر وساري آيا، مشاهدالله خان، رخسانه زبيري، غفور حيدري، رحمان ملڪ اسٽاف کي ڪارڊ کڻڻ لاءِ گهر موڪلي ڇڏيو. سينيٽ م 104 ميمبر آهن عدم اعتماد جي رٿ جي ڪاميابي لاءِ 53 ووٽ گهربل آهن، حڪومت ۽ اتحادين وٽ 36 ووٽ آهن جڏهن ته اپوزيشن جي جماعتن جو انگ 68 آهي. جنهن مان اسحاق ڊار حلف ناهي کنيو، مسلم ليگ (ن) جي چوڌري تنوير پرڏيهه ۾ آپريشن ڪرايو آهي ۽ اهي ٻه ووٽ گهٽ ٿيڻ بعد اپوزيشن ميمبرن جو انگ 66 آهي پر انهن مان جماعت اسلامي جي ٻن سينيٽرن ووٽنگ م حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اپوزيسن جي سينيٽرن جو تعداد 64 آهي. شهباز شريف جي مانجهاندي ۾ سڀ سنيٽر سريڪ آهن. اپوزيشن ۽ حڪومت ٻئي پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري رهيون آهن. چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ نئين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ شيڊول پڌرو ٿيندو، نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ، انهن جي جاچ پڙتال بعد درست قرار ڏيڻ جي مرحلي کانپوءِ چونڊ ٿيندي ۽ ان ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو