سينئر سول جج جي حڪم تي حد دخلين هٽائڻ لاءِ آپريشن

رتوديرو (عطاءُالله بروهي) سينئر سول جج رتوديرو محمد علي رڪ جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سردار احمد قاضي ميونسپل عملو ۽ پوليس اهلڪار ساڻ ڪري شڪار پور روڊ، جيڪب آباد روڊ ۽ شھر اندر تعمير ٿيل ناجائز اڏاوتون، مانڊليون صندل، ريڙها ۽ دوڪانن آڏو رکيل لوها ڇڪا کڻائي ڇڏيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر سردار احمد قاضي چيو ته سينئر سول جج رتوديرو جي حڪم تحت  انڪروچمينٽ هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ شهر اندر ناجائز ٺهيل حد دخليون هٽائي رهيا آهيون . هن چيو ته ناجائز اڏاوتن جي ڪري شھر جا روڊ رستا سوڙها ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري شھر جي ماڻهن کي گذرڻ ۾ تڪليفون پيش اچي رهيون آهن ان ڪري شھر جون سموريون ناجائز اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون وينديون هن وڌيڪ چيو ته شهر جي سڀني ناجائز اڏاوتون ڪندڙ دڪاندارن پاڻ مرادو تعمير ڪيل اڏاوتون ڊاهي ڇڏين ته جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو