سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران سينئر ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.عشر زڪوات کاتي جي سيڪريٽري منصور عباس رضوي کي بدلي ڪري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري محمد سليم رضا بدلي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊي جي مقرر. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مان بدلي ٿيل ڊي جي شمس الدين سومرو صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ چيئرمين مقرر. گھرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سهيل قريشي کي سيڪريٽري آبپاشي مقرر ڪيو ويو. انڊسٽري کاتي جي سيڪريٽري رياض الدين جون خدمتون به وفاقي سرڪار جي خط بعد اسٽيبلشمينٽ ڊويزن حوالي ڪيون ويون. گھرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري عامر خورشيد کي بدلي ڪري انڊسٽري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، غضنفر قادري ٺٽي ضلعي جو نئون ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو