screen shot photo Shtur stock

سوشل ايپ ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز ۾ مصنوعات لنڪس جو اضافو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تيزي سان مقبول ٿيندڙ سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ ۾ جلد صارفين پنهنجي مختصر ويڊيو سان ماڻهن جي توجهه حاصل ڪرڻ سان گڏ پئسا به ڪمائي سگهندا. ٽڪ ٽاڪ ۾ نئين فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي جنهن جي بدولت صارفين ايپ اندر مختلف مصنوعات کي تلاش ڪري خريد ڪندا يا ڪنهن اي ڪامرس سائيٽ تي وڃي سگهندا. ٽڪ ٽاڪ جي هن نئين فيچر جي بدولت صارفين پنهنجي ويڊيو ۾ هڪ لنڪ ايڊ ڪري سگهندا جيڪا ڪلڪ ڪرڻ تي ڏسندڙن کي ٿرڊ پارٽي سائٽس تي وٺي ويندي جتي هو شيون خريد ڪري سگهندو جڏهن ته صارفين پنهنجي پروفائل پيج تي به هڪ يو آر ايل ايڊ ڪري سگهي ٿو. ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي ٽڪ ٽاڪ جي هڪ ترجمان پنهنجي نئين فيچرز جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪمپني طرفان ٿيندڙ تجربن جو مقصد ايپ کي بهتر بڻائڻ آهي. ان نئين فيچر کي سڀ کان پهرين هڪ چيني مارڪيٽنگ ايجنسي جي باني فيبين برن دريافت ڪيو هو ۽ ٽوئٽ ڪري ان باري ۾ ٻڌايو هو. انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ ۾ هن وقت تيزي سان مقابلو هلي رهيو آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي خلاف مقبول فيچرز سامهون آڻي رهيا آهن. انسٽاگرام جي ماهوار صارفين جي تعداد 1 ارب آهي جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ جي صارفين جو تعداد 50 ڪروڙ آهي ليڪن چيني ڪمپني جي مالڪي هيٺ هي سوشل ميڊيا ايپ تمام گهڻي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. ٽڪ ٽاڪ کي انسٽاگرام تي هڪ سبقت اها حاصل آهي ته ٽڪ ٽاڪ نوجوانن ۾ مقبول آهي هن ايپ جا 41 فيصد صارفين 16 کان 24 سالن جي عمر جا آهن ۽ اها ئي وجهه آهي جو برانڊز لاءِ تمام اهميت واري ايپ آهي جنهن جي مدد سان هو نوجوان صارفين تائين پهچي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو