سنڌ ۾ پوليو خاتمي جي مهم پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندي

سنڌ ۾ پوليو خاتمي جي مهم پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 25 ضلعن ۾ پهرين سيپٽمبر 2025 کان ست ڏينهن واري صوبي سطح تي پوليو جي خاتمي جي مهم شروع ٿيندي، جنهن دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي لڳ ڀڳ 90 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريا ويندا ته جيئن انهن کي هن معذور ڪندڙ بيماري کان محفوظ رکي سگهجي. اهو فيصلو پوليو ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن جي صدارت چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڪئي. اجلاس ۾ مهم جي تيارين، حڪمت عملي، ويڪسين جي انتظام ۽ پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي تي تفصيل سان غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ملڪ ۾ وڌندڙ پوليو ڪيسن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ ٻڌايو ته هن وقت تائين ملڪ مان 23 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 6 ڪيس سنڌ مان آهن. هن ٻڌايو ته بدين مان 2، جڏهن ته ٺٽو، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. چيف سيڪريٽري زور ڀريندي چيو ته ويڪسينشن جو عمل هر حال ۾ يقيني بڻايو وڃي، خاص طور سيلاب متاثر ۽ ڏکين علائقن ۾. هن چيو ته ٽرانزٽ پوائنٽن، اسڪولن ۽ ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن سرڪاري ٽيمز، چونڊيل نمائندن ۽ مڪاني ڪائونسلرن کي هدايت ڪئي ته اهي قطرن کان انڪار ڪندڙ والدين کي قائل ڪن. اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي وئي ته سڀني سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ويڪسينشن يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته روينيو ۽ لوڪل گورنمينٽ جو عملو به مهم دوران ميدان ۾ موجود رهي. هن چيو ته ڪچي علائقن ۾ سيلابي حالتن جي پيش نظر ٻيڙين سميت خاص انتظام ڪيا وڃن، ۽ مهم دوران موسمي حالتن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو اجلاس کي ٻڌايو ته مهم ۾ ستر هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن پوليو ورڪرز حصو وٺندا. هن چيو ته سڀني انتظامن سميت ورڪرز جي ٽريننگ، لاجسٽڪ، ويڪسين جي فراهمي ۽ (ڪولڊ چين) جو انتظام مڪمل ڪيو ويو آهي. هن زور ڀري چيو ته پوليو جو خاتمو صوبائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سخت مانيٽرنگ ۽ احتساب جو نظام قائم ڪيو ويو آهي ۽ ويڪسين مئنيجمينٽ يا ڪولڊ چين ۾ ڪنهن به غفلت کي برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته مهم دوران پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي لاءِ 21 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، ايڊيشنل آءِ جي پوليس، اي او سي سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڌر، سمورا ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز سميت عالمي صحت جي ادارن جي نمائندن، جن ۾ بل اينڊ ميلينڊا گيٽس فائونڊيشن، يونيسيف، روٽري انٽرنيشنل ۽ ڊبليو ايڇ او شامل هئا، شرڪت ڪئي. بين الاقوامي ساٿي ادارن، جن ۾ بل گيٽس فائونڊيشن، عالمي ادارو صحت (WHO)، يونيسيف ۽ روٽري انٽرنيشنل شامل آهن، سنڌ حڪومت جي پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ پُرعزم ڪوششن کي ساراهيو. انهن ڏکين حالتن، خاص طور تي سيلاب جي باوجود، سنڌ جي جاري ڪوششن کي تسليم ڪيو ۽ مهم جي ڪاميابي ۽ پوليو فري سنڌ جي هدف لاءِ مڪمل سهڪار ۽ مدد جي خاطري ڪرائي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه اجلاس جي آخر ۾ سڀني کاتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته اهي سيلاب ۽ موسمي چئلينجن جي باوجود مهم جي ڪاميابي لاءِ مڪمل عزم ۽ جذبي سان ڪم ڪن. هن چيو ته ٻارن کي هن روڪڻ لائق بيماري کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ۽ پوليو فري سنڌ جي هدف لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو